اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اي??ز صادق چيو آهي ته پاڪستان،جاپان سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. موسمياتي تبديلي هڪ نهايت اهم عالمي مسئلو ??هي، سمورن ملڪن کي گڏجي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي مملڪتي وزير توشيڪو آبي سان ملاقات ۾ ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪو??رڊينيٽر رومينه خورشيد عالم پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪ جاپان ٻه طرفن لاڳاپن خاص ڪري موسمياتي تبديلي، پارليماني رابطن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سردار اي??ز صادق چيو ته پاڪستان جا جاپان سان پراڻا دوستي وارا لاڳاپا آهن. پاڪستان جاپان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي نهايت اهم مسئلو ??هي، سمورن ملڪن کي گڏجي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو.هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ذر??عي ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻي سگهجي ٿو. سردار اي??ز صادق تعليم سميت ٻين شعبن ۾ جاپان جي تعريف ڪئي. جاپاني مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏيون ٿا، هن سردار اي??ز صادق جي جاپان لاءِ خير سگالي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خواهش تي شڪريو ادا ڪندي پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
پاڪستان،جاپان سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج