اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي جي سرحدي علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي ۾ 5 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جا بهادر جوان سدائين ملڪ جي حفاظت جي لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جا بهادر جوان سدائين ملڪ جي حفاظت جي لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل آهن، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم خوارجي دهشتگردن سان بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي جو??نن نائيڪ عنايت خان، لانس نائيڪ عمر حي??ت ۽ سپاهي وقار خان کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي درجن جي بلندي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دع?? ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی