اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش????از شريف عوامي جمهوريه بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان ٽيليفون تي بنگلاديش ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش????از شريف ۽ عوامي جمهوريه بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد ش????از شريف پروفيسر محمد يونس کي چيف ايڊوائيزر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ بنگلاديش جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. هن بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مختلف شعب?? ۾ ??عاون وڌائڻ جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ ??هتر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي و?? ۾ ??اريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي و?? ۾ ??ابطن کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ ??تفاق ڪيو ته وسيع تر علائقائي تعاون ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پروفيسر محمد يونس ٽيليفون ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم جو بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان بنگلاديش ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي همدرديءَ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا