گڏيل قومون-19 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن سوڊان ۽ چاڊ وچ ۾ آدري سرحد ??يٽ کي 3 مهينن لاءِ کولڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي، ته جيئن ملڪ ۾ جنگ متاثر ماڻهن لاءِ انس??ني امداد جي فراهمي جي اجازت ڏئي س??هجي. پرڏيهي خابرو اداري مُوجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ لکت واري بيان ۾ چيو آهي ته انتونيو گوتريش سوڊان جي اختيارين جي ان فيصلي جي آجيان ڪندي انس??ني امداد تائين رسائي کي يقيني بڻ??ئڻ ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ ٺوس ۽ جٽادار قدمن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انس??ني امدادي تنظيمن کي دارفر ۽ سڄ?? ملڪ ۾ شهرين تائين محفوظ ۽ بنا رنڊڪ جي پهچڻ گهرجي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومون لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، ته جيئن سوڊان جي عوام جي اهنجن کي گهٽائي س??هجي ۽ تڪرار جي خاتمي ۾ مدد ملي س??هي. سوڊان جي حڪومت 25 جولاءِ تي اعلان ڪيو هو ته آدري سرحد ??يٽ کي ان بنياد تي بند ڪيو ويو هو ته ان کي قوت الحرڪ هٿيارن فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو هو. 15 آگسٽ تي سوڊان چاڊ سان آدري سرحد ??يٽ کي 3 مهينن لاءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ملڪ ۾ جنگ کان متاثر ماڻهن تائين امداد پهچائڻ جي اجازت ڏئي س??هجي.
گڏيل قومن پاران سوڊان ۽ چاڊ وچ ۾ سرحد کولڻ جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ