گڏيل قومون-11 جولاءِ (ا?? پي پي) گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي ا??ندڙ 10 سالن کي گدلاڻ سان ڀريل ۽ مٽيءَ واري طو??ان کي منهن ڏيڻ جو ڏهاڪو قرار ڏيندي اتفاق راءِ سان قرارداد جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي. 193 ميمبرن تي ٻڌل جن??ل اسيمبلي گذريل ڏينهن مٽي ۽ گدلاڻ سان ڀريل طو??ان جو مقابلو ڪرڻ تي گڏيل قومن جي ڏهاڪي (2034-2025ع )جي عنوان سان قرارداد جو مسودو منظور ڪري ورتو. اهڙي طرح 10 سالن جي مدي کي ا?? ماحولياتي تبديلي خلاف جنگ لاءِ وقف ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته مٽيءَ ۽ گدلاڻ ڀريل طو??ان شديد ماحولياتي، اقتصادي ۽ انساني خطرن جو سبب بڻيل آهن. متن جي ٻين شرطن موجب جن??ل اسيمبلي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل کي عالمي، علائقائي ۽ ملڪي سطح تي ڏهاڪي جي سرگرمين جي منصوبابندي ۽ تنظيم لاءِ مناسب قدم کڻڻ جي دعوت ڏني. جن??ل اسيمبلي ا?? ڳالهه تي به زور ڀريو ته قرارداد لاڳو ڪرڻ سان ٿيندڙ سمورين سرگرمين جي لاڳت رضاڪاراڻي شراڪت سميت نجي شعبي سان پوري ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن ۾ يوگنڊا جي سفير گوڊ فري ڪوبا جنهن اسرندڙ ملڪن تي ٻڌل گروپ آف 77 طر??ان قرارداد پيش ڪئي. جن??ل اسيمبلي کي ٻڌايو ته ان قدمن جو مقصد عالمي ۽ علائقائي تعاون سان مٽيءَ جي طو??ان جي ناڪاري اثرن کي روڪڻ ۽ گهٽ ڪرڻ آهي. اجلاس جي صدارت جن??ل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس ڪئي. گڏيل قومن جي ڪنوينشن چيو ته طو??ان ساهه جي بيمارين کي وڌائي سگهن ٿا، فصلن ۽ چوپائي مال کي نقصان پهچائي سگهن ٿا، رڻ پٽ ۾ واڌ ڪري سگهن ٿا، جيتوڻيڪ دستاويزن ۾ ان جا اثر محدود آهن. ڪنوينشن اندازو لڳايو ته اڪثر خشڪ زمينن ۽ گهٽ ٻوٽن واري ذيلي علائقن ۾ ساليانو 2 کرب ٽن مٽي ۽ گدلاڻ فضا ۾ داخل ٿيندي آهي، ڪنوينشن چيو ته انهن جي نيڪالي جي زيادتي قدرتي حالتن جو نتيجو هوندي آهي پر ڏڪار ۽ ماحولياتي تبديليون ان مسئلي کي وڌيڪ وڌائينديون آهن.رپورٽ ۾ اندازو لڳايو ويو ته عالمي سطح تي گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو مٽيءَ خارج ڪرڻ انساني سرگرمين جهڙي غير پائيدار زميني ا??تظام ۽ پاڻي جي استعمال سان ٿئي ٿو. جن??ل اسيمبلي چيو ته ڏهاڪي جي ڊگهي قدمن جي هڪ حصي طور تي گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم متاثر ملڪن ۾ مٽيءَ ۽ گدلاڻ جي طوفانن کي منهن ڏيڻ سميت پائيدار زمين جي استعمال جو انتطام، زرعي ٻيلا، شيلٽر بيلٽس، ٻيلا ۽ زمين جي بحالي جي پروگرام جي طريقن کي هٿي ڏيندي. قرارداد ۾ اڳواٽ هدايتن واري نظام کي وڌائڻ ۽ مٽيءَ واري طو??ان جي اڳڪٿي جي سلسلي ۾ اهم موسمي معلومات جو اشتراڪ ڪرڻ لاءِ عالمي تعاون جو به مطالبو ڪيو ويو.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ايندڙ 10 سالن کي گدلاڻ سان ڀريل ۽ مٽيءَ واري طوفان کي منهن ڏيڻ جو ڏهاڪو قرار ڏئي ڇڏيو، قرارداد جو مسودو منظور
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina