غزه -24 سيپٽمبر (اي پي پي) غزه ۾ گذريل سال آڪٽوبر کان شروع ٿيل اسرائيلي ف??جي ڪارروائين جي نتيجي ۾ 13 سيپٽمبر تائين 41455 فلسطيني شهيد، هزارين زخمي، لکين بي گهر ٿي چڪا آهن، هڪ لک 70 هزار عمارتون تباهه ٿي ويون، اسرائيلي حملن ۾ غزه جي 60 سيڪڙو مسجدن، 90 سيڪڙو اسڪولن ۽ وڏي تعداد ۾ اسپتالن کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ زرعي ايراضي ۽ روڊن کي تباهه ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا پاران جاري رپورٽ م??اب?? جنگ شروع ٿيڻ کان پهرين 365 ڪلوميٽر ڊگهي غزه پٽي ۾ 24 لک ماڻهو رهائش پذير هئا جنهن ڪري غزه ڌرتيءَ سڀ کان وڌيڪ ڳتيل آبادي وارن هنڌن مان هڪ هئي. جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ اسرائيلي ف??جي ڪارروائين جي نتيجي ۾ 13 سيپٽمبر 2024ع تائين غزه پٽي جون اٽڪل 59 سيڪڙو عمارتون تباهه ٿي چڪيون آهن. آمريڪي محققن ڪوري شير ۽ جيمن وان ڊين هوڪ جي تجزيه ڪيل سيٽلائيٽ تصويرن م??اب?? اهي اٽڪل 169000 عمارتن برابر آهن. غزه ۾ صحت واري وزارت جي فراهم ڪيل انگن اکرن م??اب?? 7 آڪٽوبر کان غزه ۾ اسرائيلي ف??جي ڪارروائين جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 41455 فلسطيني شهيد ٿيا جن ۾ وڌيڪ عام شهري آهن جيڪي مارجي ويا آهن. انهن انگن اکرن کي گڏيل قومن تسليم ڪيو آهي. جنگ کان پهرين اتر غزه جنهن ۾ اٽڪل 6 لک فلسطيني رهيل هئا، جو تقريبن ٽيون حصو عمارتون به تباهه ٿي چڪيون آهن. مصر جي سرحد لڳ غزه کان ڏکڻ شهر رفح جو اٽڪل اڌ حصو تباهه ٿي ويو آهي. انساني حقن جي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل چيو آهي، ته اسرائيل سان غزه جي سرحدي علائقي جي 58 چورس ڪلوميٽر سان واقع 90 سيڪڙو عمارتون مئي 2024ع تائين مڪمل طور تباهه ٿي چڪيون هيون ۽ انهن کي شيد نقصان پهتو هو. جنگ دوران اسرائيل غزه جي اسپتالن تي ڪيترائي حملا ڪيا. اسرائيلي ف??ج غزه ج سڀ کان وڏي اسپتال الشفا تي ٻه ڀيرا بمباري ڪئي، پهريون ڀيرو ان اسپتال تي نومبر ۾ ۽ ٻيو ڀيرو مارچ ۾ بمباري ڪئي وئي. ورلڊ هي??ٿ آرگنائيزيشن م??اب?? ٻئي اسرائيلي حملي اسپتال کي انساني لاشن سان ڀري ڇڏيو. صحت واري عالمي اداري م??اب?? آگسٽ تائين غزه جي 36 اسپتالن مان صرف 16 يعني 44 سيڪڙو جزوي طور ڪم ڪري رهيون هيون. گڏيل قومن جي سيٽلائيٽ سينٽر ۽ جاگرافيائي ڊيٽا بيس اوپن اسٽريٽ م??پ جي ڊيٽا مان به خبر پوي ٿي ته غزه جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ مسجدن کي نقصان پهچايو ويو. اسرائيلي حملن غزه جي اٽڪل 85 سيڪڙو اسڪولن کي به نقصان پهچايو. 6 جولاءِ تائين غزه ۾ گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جي انتظام هيٺ هلندڙ 477 اسڪولن کي به نقصان پهچايو ويو. جيڪي هن وقت 564 سهولتن جي انگ کان اٽڪل 85 سيڪڙو هئا، انهن مان 133 کي سخت نقصان پهتو آهي ۽ ٻيا 344 سڌي ريت متاثر ٿيا آهن. سيپٽمبر ۾ هنگامي حالتن ۾ تعليم لاءِ گڏيل قومن جي عالمي ف??ڊ، ايجوڪيشن جي ناٽ ويٽ چيو آهي، ته غزه جي اٽڪل 90 سيڪڙو اسڪولن جون عمارتون تباهه ٿي چڪيون آهن. گڏيل قومن جي 27 آگسٽ جي سيٽلائيٽ تصويرن م??اب?? اسرائيلي حملن ۾ غزه جي 68 سيڪڙو يعني 102 چورس ڪلوميٽر زرعي ايراضي به تباهه ٿي چڪي آهي. جنهن ۾ اتر غزه جي 78 سيڪڙو زرعي زمين ۽ رفح جي 57 سيڪڙو زمين شامل آهي. ان کان علاوه غزه ۾ روڊن جي نيٽ ورڪ جو 58 سيڪڙو حصو تباهه ٿي چڪو آهي. 18 آگسٽ تائين انگن اکرن م??اب?? يو اين او سيٽ جي شروعاتي تجزئي م??اب?? اٽڪل 1190 ڪلوميٽر روڊ تباهه ٿي چڪا آهن. 415 ڪلوميٽر تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن ۽ 1440 ڪلوميٽر کي معمولي نقصان پهتو آهي. گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش هلندڙ مهيني جي شروع ۾ جاري بيان ۾ غزه ۾ اسرائيلي حملن سبب ٿيل تباهي کي ناقابل تصور قرار ڏنو هو. هن چيو ته پنهنجي عهدي جي مقرري واري عرصي کان پوءِ هن غزه ۾ مصيبتن جي سطح، فوتگين ۽ تباهي دنيا ۾ ڪٿي ناهي ڏٺي.
غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين ۾ 41 هزار فلسطيني شهيد، لکين بي گهر، مسجدن، اسڪولن ۽ اسپتالن سميت هڪ لک 70 هزار عمارتون، زرعي ايراضي ۽ روڊ تباهه ٿي چڪا آهن: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن