تهران- 05 نومبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسرائيل جي حملن جو فيصلائتو ۽ مضبوط جواب ڏينداسين. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي هفتيوار پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته اسرائيلي جارحيت خلاف اسان جو ج??اب مضبوط ۽ فيصلائتي هوندو. هن وڌيڪ چيو ته سندس ملڪ پنهنجي قومي سلامتي، علائقائي سلامتي يا خودمختياري ??ي متاثر ڪندڙ ڪنهن به مداخلت يا حملي جو پنهنجي پوري طاقت ۽ سخت ترين انداز ۾ جواب ڏ??ند??. هن واضح ڪيو ته جيستائين غزه پٽي ۽ لبنان ۾ اسرائيل جا حملا جاري رهندا ته خطو بدترين عدم تحفظ ۽ جنگ جي دائرڪار ۾ واڌ جو شڪار رهندو. انهن جاري ڏوهن کي روڪڻ لاءِ علائقائي سطح تي ۽ ان جي ٻاهرن قدمن ۽ ڪوششن جي هميشه حمايت ڪئي آهي. واضح رهي ته ايران جو اهڙو بيان اهري وقت سامهون ايو اهيجڏهن اير??ني ليڪس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته آمريڪي صدارتي چوندن بعد تهران اسرائيل جي هوائي حملي جو ج??اب ڏ??ند??.
اسرائيل کي جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجيون سموريون صلاحيتون استعمال ڪنداسين: ايران
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔