اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ توانائي بابت معاملن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ توانائي واري وزير عمر ايوب خان، اطلاعات وارو وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي وارو وزير مخدوم خسرو بختيار، توانائي وارو سيڪريٽري عرفان علي، توانائي بابت ٽاسڪ فورس جو چيئرمين نديم بابر، ڊاڪٽر فيض احمد چوڌ??ي ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. توانائي جي شعبي ۾ ملڪ کي درپيش مسئلن خاص طور تي ??رد??ي قرضن جو جائزو وٺندي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صرف 18 -2017ع ۾ ??رد??ي قرضن ۾ 450 ار?? روپين جو اضافو ٿيو جنهن جو بنيادي سبب ان وقت جي حڪومت جو اهو سياسي فيصلو هو جنهن تحت وزارت کي اها هدايت ڪئي وئي ته سئو سيڪڙو بجلي چوري جي علائقن ۾ به بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي جاري رکي وڃي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری