اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسرائيل کي تسليم نه ڪرڻ جي وزيراعظم عمران خان جي پاليسي بيان جي ??جيان ڪندي چيو آهي ته اسان فلسطين مسئلي جو ٻه رياستي حل جا حامي آهيون، ڪشميرين کي ڪڏهن به اڪليو نه ڇڏينداسين، ڀارت هر معاهدي ۽ عالمي قانونن جي ??لاف ورزي ڪئي آهي، ڀارت جي موجوده هندو توا فاشٽ پاليسي قائم نه رهندي پر ڪشمير جلد آزاد ٿيندو، سعودي عرب سان لاڳاپا مستحڪم آهن ۽ رهندا، سول ۽ عسڪري قيادت، سمورا ادارا ۽ ميڊيا هڪ پيج تي آهن، اسان سڀ قانوني، معاشي ۽ معاشرتي انصاف چاهيون ٿا، اسان ڪرپشن تي ٺاهه ڪرڻ ??ٿا چاهيون، اسان چاهيون ٿا ته ترقي جي ??مل ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هجي، مشڪل حالتن جي ??اوجود معيشت ڪاميابي طرف گامزن آهي، موڊيز ۽ فچ پاڪستان جي معاشي درجا بندي کي بهتر بڻايو آهي، ديامر ڀاشا ڊيم جي ??ڪميل سان ملڪي توانائي جون ضرورتون پوريون ٿينديون، ايم ايل ون منصو??ي سان تيز ترين سفري سهولتون ميسر اينديون، تعليم جي فروغ، صحت ڪارڊ ۽ هڪجهڙي قومي نصاب جي ??ياري حڪومت جا اهم قدم آهن، آبادي ۾ تيزي سان اضافي جي ڪري قومي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، اسلام جي ??صولن موجب عورتن جي ??ق وراثت جي پاسداري کي يقيني بڻائڻ گ??رجي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي ??عاون سان ڪراچي جي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، قوم دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ ٻين چئلينجن تي ڪاميا??ي سان ضابطو آندو آهي، ڪورونا صورتحال دوران ڪمزور طبقن لاءِ رليف پڪيج قابل ستائش قدم آهي. خميس ڏينهن ٽئين پارلياماني سال جي ??غاز تي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻي پارلياماني سال جي ??ڪميل تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، مون کي اڄ ٽيون ڀيرو ان عظيم پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي مخاطب ٿيڻ جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي ۽ آئون ان تي الله تعاليٰ جو ٿورائتو آهيان. صدر چيو ته قومن جي ??ندگي ۾ ڪجهه لمحا اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي ??ثرن سان تاريخ جي ڌارا موڙي ڇڏيندا آهن، پاڪستان به اهڙي ئي هڪ موڙ تي آهي، اهو بهترين موقعو آهي ته ويجهي ماضي جي واقعن تي هڪ نظر وجهندي گذريل هڪ سال جو تجزيو ڪريون ۽ ڏسون ته ڇا سکيو، ڇا ڪيو؟ سٺو يا خراب ڪيو ۽ ڇا ڪرڻو آهي؟ ۽ مستقبل جي ??ستن جو تعين ڪريون. هن چيو ته ٽي شيون دهشتگردي جو مقابلو، افغان پناهگيرن ۽ پنهنجي ??ندر انتهاپسندي جو مقابلو اهڙيون آهن جنهن جي ??فصيلن کان توهان سڀ واقف آهيو ۽ انهن چئلينجز تي پوري قوم ڪاميا??ي سان ضابطو آندو آهي. پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جڏهن ته اسان کي انسانيت جو سبق ڏيندڙ ملڪ پرڏيهين کي قبول ڪرڻ ??اءِ تيار نه آهن،انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستاني عوام قومي بڻجي ??امهون آئي، قوم، پاڪستاني فوج ۽ سياستدانن کي انهن ڪاميابين تي مبارڪباد ڏيان ٿو.
صدر پاران اسرائيل کي تسليم نه ڪرڻ جي وزيراعظم جي پاليسي بيان جي آجيان، اسان فلسطين مسئلي جو ٻه رياستي حل جا حامي آهيون: ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ