اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سياحت جي شعبي جي ترقي ملڪي معيشت جي لاءِ لازمي آهي، سياحت جو شعبو ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ انتهائي ??هميت رکندڙ آهي. قومي اس??مب??ي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر چيو ته سياحت جو شعبو ملڪ کي معاشي طور تي مس??حڪم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو، موجوده حڪومت سياحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، سياحت جي موقعن مان فائدو کڻي ملڪ کي معاشي طور تي مس??حڪم ڪري سگهجي ٿو.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون