اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه?? محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ سازگ??ر ماحول جڙي رهيو آهي، ??فغانستان خوشحال ٿيندو ته پاڪستان پڻ خوشحال ٿيندو، افغانستان ۾ امن عمل لاءِ پاڪستان جون ڪوششون دنيا تسليم ڪري رهي آهي. افغانستان ۾ امن جي حوالي سان پاڪستان سول ۽ ملٽري سمي?? سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن ۽ افغانستان ۾ امن ۽ تعمير ۾ دلچسپي رکن ٿا. امن جي قيام جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جون نيون راهون کُلنديون، ان حوالي سان واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود جلد افغانستان جو دؤرو ڪندو. گذريل ڏينهن افغانستان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله سان ڳالهين کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن عمل ۾ پاڪستان جيڪو ڪردار ادا ڪيو اها دنيا ساراهي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : راکی