اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ حڪومتي قدمن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسمگلڊ تيل جي وڪري سبب معيشت کي 100 کان 150 ????ب رپيا ساليانو نقصان ٿي رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ 2094 پيٽرول پمپس اسمگلڊ تيل جي وڪري ۾ ملوث آهن. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي ڪري ملڪي معيشت کي ناقابل تلافي ??قصان پهچي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم