اٽڪ – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻا وزيراعظم ۽ وزير ٻاهرين ملڪ جائيدادون ٺاهيندا رهيا، قوم کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي پاڻ ٻاهر وڃي ويهي رهيا ۽ شاهاڻي زندگي گهاري رهيا ??هن، جنهن جي والد جي سائيڪل جو دڪان هو اڄ رولز رائس گاڏين جا مالڪ آهن، سينيٽ ا??يڪشن ۾ تماشو ٿي رهيو آهي، ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ منڊي لڳل آهي، قيمتون لڳي رهيون آهن، مخالف ڌر جلسن سان اسان کي نٿي ڪيرائي سگهي، هاڻي ماڻهن کي خريد ڪري پنهنجا وڌيڪ سينيٽرز چونڊرائڻ چاهين ٿا اها ڪهڙي جمهوريت آهي، ماضي ۾ ملڪ ۾ ٻيلن کي بي دردي سان ختم ڪيو ويو، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ??لين ٽري سونامي منصوبي کي ڪامياب بڻائڻو پوندو، خيبرپختونخوا وانگر پنجاب ۾ به هلندڙ سال جي آخر تائين سمورن شهرين کي هليٿ انشورنس جي سهولت ملي ويندي، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي لاءِ ڪامره ۾ ٽيڪنالاجي زون ٺاهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار غازي بروٿا ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن بدقمستي سان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان وڌيڪ متاثر ٿيا ??هن،گرين هائوسز گئسن جي اخراج سان دنيا ۾ سراسر گرمي پد وڌي رهيو آهي ان لاءِ ??سان کي هر اهو قدم کڻڻ گهرجي جنهن سان سراسري گرمي پد ۾ ٿيندڙ ان اضافي ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ۽ ان مقصد لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي ضرورت آهي، وڻ لڳائڻ اسان جي مستقبل لاءِ ??مام ضروري آهن. هتي 10 لک وڻ لڳايا پيا وڃن پر انهن جي حفاظت جي ذميداري نوجوانن تي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اسان نوجوانن کي راندين جا ميد??ن به ٺاهي ڏينداسين. نوجوانن لاءِ ??اندين جي ميدانن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وڻ اسان جي مستقبل ۽ راندين جا ميدان نوجوانن جي صحت لاءِ ??روري آهن.
اڳوڻا حڪمران قوم کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ٻاهر شاهاڻي زندگي گهاري رهيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2