اسلام آباد – 20 جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ر??ند??ن جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، نوجوانن کي پ??هنجي صلاحيتن جي اظهار لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ر??ند??گرن جي چونڊ ۾ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوجوانن جي معاملن بابت خاص مددگار عثمان ڊار، عاقب جاويد، رانا عاطف ۽ ڪرڪيٽر شاهين آفريدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، کين پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ر??ند??ن جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ??ه ر??ند??گرن جي چونڊ ۾ ميرٽ جي بالادستي هجي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيور جي ڪ??ميابي ۽ ان جي نتيجي ۾ نوجوانن کي مختلف ر??ند??ن ۾ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا موقعا ميسر اچڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص طور تي ڪ??ڪيٽ ۾ ڪامياب جوان ۽ لاهور قلندر جي تعاون سان ٽئلينٽ هنٽ پروگرام ۾ اڀرندڙ ڪرڪيٽرز جي ايندڙ پاڪستان سپر ليگ ۾ شموليت جي حوالي سان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو جنهن تي وزيراعظم لاهور قلندر ۽ ڪامياب جوان پروگرام جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم ڪرڪيٽر شاهين شاهه آفريدي جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪارڪردگي کي ساراهيندي وڌيڪ محنت سان پاڪستاني ڪ??ڪيٽ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار جاري رکڻ جي تلقين ڪئي.
حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز