اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته فوجداري نظام اصلاحات قانون جي حڪمراني طرف وڏو قدم آهي، عدليه ۽ وڪيل برادري فوجداري قانون ۽ نظام انصاف ۾ سڌارن تي عملدرآمد ڪرائين، بار ايسوسيئيشنز جي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، وڪيل برادري جي مسئلن کان ??گاهه آهيون، انهن جي حل لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻنداسين. اها ڳالهه هن ڊسٽرڪٽ بار راولپنڊي، ڊسٽرڪٽ بار ??هل??، هاءِ ڪورٽ بار ايبٽ آباد، ڊسٽرڪٽ بار ايبٽ آباد، ڊسٽرڪٽ بار مانسهره ۽ تعلقي بار حويليان ??ي وفدن سان ملاقات دوران چئي. وفاقي وزير چيو ته حڪو??ت وڪيل برادري جي مسئلن کان ??گاهه آهي، انهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، هن چيو ته نوجوان وڪيلن کي چيمبرز جي تعمير لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت سستا قرض فراهم ڪيا ويندا، چوڌري فواد حس??ن چيو ته بار ايسوسيئيشن ۾ وڏي تعداد ۾ نوجوانن کي ڏسي خوشي ٿي، ڊسٽرڪٽ بار ??هل?? سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ??هل?? کي موٽر وي سان ملايو پيو وڃي، گذريل ٽن سالن ۾ ??هل?? جي لاءِ هڪ کرب روپين جا ترقياتي منصوبا منظور ڪرايا، هن چيو ته 44 ارب روپين جي لاڳت سان ??لال پور ڪينال پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي، لله کان ??هل?? ٻن لائين واري رستي جي منصوبي تي ڪم جو آغاز ٿي ويو آهي، سنگهوئي کان مصري موڙ ۽ لله کان پنڊدادن خان ??ائين رستو هن سال جون ۾ مڪمل ٿي ويندو، چوڌري فواد حس??ن چيو ته ان ??ستي تي 55 سالن کانپوءِ ڪم شروع ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته مانسهره، ايبٽ آباد ۽ حويليان ۾ وڪيل برادري لاءِ سهولتون مهيا ڪنداسين، هن چيو ته بار ايسوسيئشنز کي فنڊز جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، بار ايسوسيئيشنن جي وفد ۾ ڊسٽرڪٽ بار راولپنڊي جي صدر ارشد مجيد ملڪ ۽ سيڪريٽري ملڪ مبشر، ڊسٽرڪٽ بار ??هل?? جي صدر چوڌري عبدالطيف، جنرل سيڪريٽري سيد جرار حيدر شاهه ۽ ايگزيڪيٽو ميمبرن چوڌري يعقوب، چوڌري ضياءُ الملڪ، حافظ عبدالسميع کوکر، چوڌري ڪاشف اسلام، ناصر زمان ??اجا ايڊووڪيٽ ميان ??بدالرحمان، محمد انعام الحق، پاڪستان ??ار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين چوڌري محمد حس??ن، هاءِ ڪورٽ بار ايبٽ آباد جي صدر حاجي صابر حس??ن تنولي ۽ جنرل سيڪريٽري سيد بابر علي شاهه، ڊسٽرڪٽ بار ايبٽ آباد جي صدر عبدالستار خان ۽ جنرل سيڪريٽري سردار سميع الرحمان، ڊسٽرڪٽ بار مانسهره جي صدر بلال خان ۽ جنرل سيڪريٽري اظهر ظهور تنولي، تعلقي بار حويليان ??ي صدر رئيس خان، جنرل سيڪريٽري گل ظهير خان ۽ نائب صدر سعيد خان ??امل هئا، بار ايسوسئيشنز جي ميب??ن وقت فراهم ڪرڻ تي وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن جو ٿورو به ادا ڪيو.
فوجداري نظام اصلاحات قانون جي حڪمراني طرف وڏو قدم آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔