اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪنهن ??روپ جو حصو نه آهي، پاڪستان روس سان بهترين ۽ سمورن ملڪن سان واپاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي، اسان چاهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، طاقت جي بدران ڳالهين سان مسئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، اسرندڙ ملڪن جو پئسو واپس ڪرڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ مني لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آهي، جيستائين توهان پنهنجي غلطين مان نه ٿا س??و اڳتي نه ٿا وڌي سگهو. اهڙن خيالن جو اظهار هن روسي ٽي وي آر ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. وزيراعظم عمرا?? خان چيو ته انسان سدائين خدا جي ڳولا ۾ ??هي ٿو، ٻين انسانن جي بهتري لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي، انسان ک?? ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. هن ??يو ته ماحولياتي آلودگي هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، ان جي ڪري دنيا متاثر ٿي ??هي آهي، پاڪستان ماحولياتي آلودگي کي منهن ??يڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ مني لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آهي، حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ پئسي جي منتقلي سان اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ??يڻو پوي ٿو، حڪمرانن جي ڪرپشن سان ادارا تباهه ٿي وڃن ٿا. هن ??يو ته مني لانڊرنگ ۽ غيرمنصفاڻي ورڇ سان غربت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ملڪ جو پئسو ٻاهر منتقل ڪرڻ تباهي جي برابر آهي. هن زور ڏنو ته ان سلسلي ۾ اسرندڙ ملڪن جو پئسو واپس ڪرڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. هن ??يو ته ماضي ۾ سرد جنگ پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو، جڏهن ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪنهن ??روپ جو حصو نه آهي، البته هن ??يو ته ماضي ۾ پاڪستان آمريڪي گروپ جو حصو هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته اسان سمورن ملڪن سان واپاري لاڳاپا چاهيون ٿا، افغان پناهگيرن کي پاڪستان پناهه ڏني، ٻاهرئين امداد هڪ لعنت آهي، ان جي لاءِ ملڪن کي غلط فيصلا ڪرڻا پون ٿا، جيستائين توهان پنهنجي غلطين مان نه ٿا س??و اڳتي نه ٿا وڌي سگهو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري پوري دنيا جي معيشت کي جهٽڪو لڳو آهي. وزيراعظم عمرا?? خان چيو ته اسان چاهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، آئون طاقت بدران ڳالهين سان مسئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان. پنهنجي روس جي دوري جي ڏس ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان روس سان بهترين لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي ماڻهن ??ي غربت مان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ قدم کڻي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ڀارت کي ڳالهين جي دعوت ڏني، ڀارت ۾ فاشسٽ نظريا رکندڙ پارٽي جي حڪومت آهي. هن ??يو ته اسان چاهيون ٿا ته ايران مٿان پابنديون ختم ٿي وڃن، غربت جي خاتمي لاءِ اسان کي چين کان سکڻو پوندو، ٻين انسانن جي بهتري لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي.
پاڪستان عالمي سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، پاڪستان روس سان بهترين ۽ سمورن ملڪن سان واپاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت