اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مست??بل جو عالمي نظام اخلاقيات، انصاف ۽ انساني همدردي تي ٻڌل هجڻ گهرجي، موجوده ورلڊ آرڊر ۾ دولت ۽ طاقت کي اهميت حاصل آهي، جڏهن ته انسانيت جي ضرورت اخلاقي قدر آهن، ڪا??وبارن ۾ به انهن رخن کي نظر ۾ رکيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽيلي نار پاڪستان جي اهتمام هيٺ ”اخلاقيات ۽ ڪا??وبار“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ٽيلي نار پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عرفان وهاب به ان موقعي تي خطاب ڪيو. صدر ڪا??وباري شعبي ۾ اخلاقي اصولن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ڪا??وبار ۾ منافعي سان گڏوگڏ ورڪرن جي حقن جي تحفظ، مالياتي ل??اظ کان پائيداريت، انساني همدردي ۽ انصاف جي رخن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن دنيا ۾ مختلف معاشي نظامن جي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته ڪا??وبار منافعي ل??ءِ ??ي ڪيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ ان سان گڏوگڏ ٻين معاشرتي ذميدارين تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان بل گيٽس اينڊ ميلنڊا فائڊيشن جو مثال موجود آهي، هن چيو ته بدعنواني صرف مالي ناهي ٿيندي پر ان جا ٻيا اخلاقي ۽ معاشرتي پاسا به آهن، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جعلي خبرن سان ٿيندڙ نقصان به اسان جي سامهون آهن، صدر چيو ته موجوده دور ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنيون ملڪي پاليسين ۽ فيصلن تي اثر انداز ٿيڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، عالمي معاملن ۾ مفادن کي ترجيح حاصل آهي، جڏهن ته دنيا جي امن ۽ انسانيت جي مست??بل جي ل??ءِ ??خلاقي اصولن جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ جي اهميت آهي، ان تناظر ۾ دنيا کي هڪ نئين نظام جي ضرورت آهي، جيڪو اخلاقيات ۽ انساني همدردي جي اصولن تي ٻڌل هجي. ان کان اڳ ٽيلي نار جي سي اي او عرفان وهاب صدر جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٽيلي نار کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪا??وبار شروع ڪندي 17 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ان مناسبت سان اسان ڪا??وبار ۾ اخلاقيات ۽ شفافيت جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ ??نجيده ڪوششن جو آغاز ڪيو آهي.
مستقبل جو عالمي نظام اخلاقيات، انصاف ۽ انساني همدردي تي ٻڌل هجڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج