اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ ترڪي، واپار، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻنهي ملڪن ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ، مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هڪٻئي جي حمايت جي عزم جو ورجا??ُ ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ صدر ??اڪ??ر عارف علوي سان ترڪ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ياسر گلر جي ملاقات دوران طئي ٿيو. ملاقات دوران پاڪس??ان ۾ ترڪي جي سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل به موجود هو، صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته پاڪستان۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، پاڪ ترڪ لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته واپار، آءِ ٽي ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻو پوندو، صدر عارف علوي چيو ته پاڪس??ان قبرص ??ي ترڪي جي حمايت جاري رکندو، صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين، مسلمانن جي نسل ڪشي ۾ ڀارتي ڪردار تي به روشني وڌي. صدر سدائين پاڪس??ان جي حمايت ڪرڻ خاص طور تي ڪشمير تڪرار ??ي ترڪي جو ٿورو ادا ڪيو. ملاقات دوران ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانس??ان ۾ امن سان عوام جي خوشحالي لا??ِ گڏوگڏ علائقائي واپار ۽ رابطن کي فروغ ملندو. ترڪ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ياسر گلر يوم پاڪس??ان پريڊ جي ڪامياب انعقاد تي صدر کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ترڪي هر پليٽ فارم تي پاڪس??ان جي حمايت جاري رکندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي نئين نسل ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندي.
پاڪستان ۽ ترڪي پاران واپار، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز