مڪه مڪرمه – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا ڪئي، وزيراعظم لاءِ خانه ڪعبه جا دروازا کوليا ويا. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب عمري دوران وزيراعظم شهباز شريف خصوصي زيارت کان??وء?? حجرِ اسود کي چُمي ڏني ۽ طوافِ ڪعبه ڪيو ۽ ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ سلامتي جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. ٽن ڏينهن جي سعودي عرب ??ي دوري جي موقعي تي ڇنڇر ڏينهن عمره جي ادائيگي دوران وزيراعظم شهباز شريف زيارتِ خاص ۽ طوافِ ڪعبه جي ادائيگي کان??وء?? صفه ۽ م??وه جي وچ ۾ سعي ڪئي. وزيراعظم سعي صفه و مروه جي ادائيگي سان گڏ ئي عمره جي تڪميل کان??وء?? ملڪ ۽ قوم ۽ م??لمان امت جي سلامتي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون. وزيراعظم ٽن ڏينهن جي سعودي عرب ??ي دوري دوران مدينه من??ره ۽ جده ۾ ٻه ڏينهن گذارڻ کان??وء?? ڇنڇر ڏينهن عمره جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ مڪه مڪرمه روانو ٿيو ۽ وفد سميت عمره ادا ??يو. وزيراعظم مدينه من??ره ۾ قيادم دوران ٻه ڀيرا روزه رسول ﷺ تي حاصري ڀري، رياض الجنته ۾ نوافل ادا ڪيا، جمعته الوداع جي نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي، ملڪي سلامتي، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. جده ۾ وزيراعظم سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدلعزيز سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزده شاهزين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کان??وء?? وزيراعظم جو اهو پهريون غير ملڪي دورو آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪئي
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania