اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀ????تي قدمن جي خلاف جمعي تي پرڏيهي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين هڪ ريلي ڪ??ي وئي. ريلي ۾ دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، حريت ڪانفرنس جا اڳواڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ريلي ۾ شرڪت ٿيا. ان کان اڳ واڪ ۾ شريڪ ٿيندڙن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل جمون ۽ ڪشمير جي عوام سان گڏ يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ پرڏيهي آفيس ۾ گڏ ٿيا. جنهن کانپوءِ پرڏيهي آفيس ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان زاهد زمان جي ملي نغمي کي جاري ڪيو ويو. ملي نغمو ڪشميرين جي خودمختياري واري حق ۽ ڀا??تي خوني چنبي کان آزادي جي جدوجهد مسلسل جاري رکڻ تي خرا?? تحسين پيش ڪيو. ڪشمير جي حوالي سان اهو ملي نغمو زاهد زمان خصوصي طور تي تيار ڪيو آهي. ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن پرڏيهي آفيس کان شاهراهه دستور کان ٿيندا پارليامينٽ هائوس پهتا. والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀ????تي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جي خلاف ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ڪشمير استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهايو پيو وڃي. پرڏيهي وزارت مظلوم ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ اسلام آباد ءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي.
پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن خلاف جمعي تي پرڏيهي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين ريلي ڪڍي وئي
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش