اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي موسمياتي تبديلين جي ح??الي سان دنيا لاءِ مثال آهي، پاڪستان کي هن وقت عالمي امداد جي ضرورت آهي، جيترو وڌيڪ ۽ جلدي پاڪستان جي معاونت ٿيندي ان ئ?? رفتار سان اسان وڌيڪ انساني ح??اتيون بچائڻ جي قابل ٿي ??گه??داسين. جنيوا ۾ گڏيل قومن ۽ پاڪستان جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش اپيل جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي برسات سبب جيڪا تباهي ٿي آهي اها دنيا لاءِ هڪ مثال آهي. موسمياتي تبديلين جي تمام وڏي قيمت پاڪستان کي ادا ڪرڻي پئي جڏهن ته ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نيڪال ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، جڏهن ته انهن تبديلين سبب متاثر ٿيل ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان شامل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي فنڊ ۾ پاڪستان کي ان جو حصو ڏنو وڃي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ۾ هن سال جون کان وٺي سيپٽمبر تا??ين لڳاتار برساتون پيون ۽ اها هڪ غيرمعمولي صورتحال هئي. روائتي طور پاڪستان ۾ درياهن ۾ چاڙهه جي ڪري ٻوڏ ايندي رهندي آهي جڏهن ته هن ڀيري اها تباهي غيرمعمولي برساتن جي صورت ۾ آسمان مان نازل ٿي، ڪجهه علائقن ۾ لڳاتار برسات پوندي رهي جنه?? ڪري ملڪ ۾ رستن، ريلوي ٽريڪس ۽ بنيادي ڍانچي کي تمام گهڻو نقصان پهتو. هڪ اندازي مطابق جن علائقن ۾ 50 سيڪڙووڌيڪ برساتون پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي اتي 700 کان وٺي 1700 سيڪڙو تا??ين وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته لڳاتار برساتن جي ڪري انتظاميه هيليڪاپٽرن ذريعي به امداد نه پهچائي ??گه??. هن وقت به ڪيترن ئ?? علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي جيئن ئ?? پاڻي گهٽجندو انهن علائقن ۾ ن??ين سر تعمير ۽ بحالي جون سرگرميون شروع ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته ن??ين سر تعمير ۽ بحالي جو ڪم هڪ يا ٻن مهينن ۾ نه پر ان ۾ هڪ سال کان وڌيڪ عرصو لڳي ??گه?? ٿو. پاڪستان گڏيل قومن ۽ امداد ڏيندڙ ادارن نقصان جي شدت جو اندازو لڳايو آهي. پاڪستان کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي.
پاڪستان کي عالمي امداد جي ضرورت آهي، جيترو وڌيڪ ۽ جلدي پاڪستان جي معاونت ٿيندي ان ئي رفتار سان اسان وڌيڪ انساني زندگيون بچائڻ جي قابل ٿي سگهنداسين: وفاقي وزير سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania