اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب جي ماسيءَ سينيئر پارليامينٽرين بيگم نجمه حميد جي ايصال ثواب لاءِ اطلاعات ۽ نشريات وار?? وزارت ۾ تعزيتي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ بيگم نجمه حميد مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ اجتماعي فاتحه خواني ڪئي وئي. تعزيتي اجلاس ۾ اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، ايڊيشنل سيڪريٽري سهيل علي خان، اي پي پي جي ايم ڊي اختر منير، پيمرا جي چيئرمين سليم بيگ، ڊي جي انفارميشن س??وس اڪيڊمي مبشر توقير، پريس رجسٽرار طارق خان، ريڊيو جي ڊي جي طاهر حسن، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت وزارت جي اعليٰ عملدارن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مرحومه نجمه حميد جي د??جن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج