اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اهم قومي چئلينجز تي سمورن سياسي اڳ??اڻن کي هڪ ميز تي ويهارڻ جو وڏو فيصلو ڪندي 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري ورتي آهي جنهن ۾ عمران خان سميت پوري سياسي قيادت کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، جيڪا ملڪي سياسي منظرنامي ۾ وڏي سياسي اڳڀرائي آهي، وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم شهباز شريف 7 فيبروري تي ڪل جماعتي ڪانفرنس (اي پي سي) گهرائي آهي، اي پي سي اسلام آباد ۾ ٿيندي. سمورن سياسي اڳ??اڻن کي اي پي سي ۾ شرڪت جي باضابطا دعوت ڏني وئي آهي. وزيراعظم پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي پڻ اي پي سي ۾ گهرائي ورتو. وفاقي وزير سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جي اڳ??ڻي اسپيڪر پي ٽي آءِ اڳ????ڻ اسد قي??ر ۽ دفاع واري اڳ??ڻي وزير پرويز خٽڪ سان رابطو ڪيو. اياز صادق اسد قي??ر ۽ پرويز خٽڪ کي وزيراعظم پاران عمران خان کي اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت پهچائي. جڏهن ته وزيراعظم سڀاڻي پشاور ۾ ٿيندڙ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پڻ پي ٽي آءِ جي ٻنهي اڳ??اڻن کي شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته دهشت??رد?? جي خلاف ايپيڪس ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ جي ٻن نمائندن کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيان ٿو. اياز صادق وزيراعظم جو پيغام اسد قي??ر ۽ پرويز خٽڪ کي پهچايو. سردار اياز صادق پي ٽي آءِ اڳ??اڻن کي پنهنجي پاٽي جي نامز?? نمائندن جي نالن کان آگاهه ڪرڻ جي درخواست ڪئي. گورنر هائوس ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سموريون ڌريون، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾ 30 جنوري تي پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ دهشت??رد?? جي واقعي تي غور ٿيندو. ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشت??رد?? جي خاتمي، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊيشن جي قدمن غور ٿيندو.
وزيراعظم پاران اهم قومي چئلينجز تي سمورن سياسي اڳواڻن کي هڪ ميز تي ويهارڻ جو وڏو فيصلو، 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب، عمران خان سميت پوري سياسي قيادت کي شرڪت جي دعوت، پشاور ۾ ٿيندڙ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پڻ پي ٽي آءِ کي شرڪت جو سڏ ڏنو ويو
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena