اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ جارجيا جي نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪئ??. جارجيا ۽ آذربائيجان ۾ پاڪستان جا ??فير ۽ ٻنهي ملڪن جا ??عليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. ڌرين افتتاحي اجلاس کي تعاون جي لاءِ اهم قرار ڏيندي واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ تعاون جي گڏيل فائديمند شعبن کي ڳولڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪار دوست پاليسين جو ذڪر ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ڌرين مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ٻطرفي سياسي مشاورت جي طريقيڪار کي پڻ باقاعده بڻايو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيندو. پرڏيهي سيڪريٽري جارجيا جي پرڏيهي وزير دارچيا شويلي ايليا سان پڻ ملاقات ڪئ??. مشاروت جي افتتاحي دور جي آجيان ڪندي ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئ?? ته هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جو بنياد رکندو. پرڏيهي سيڪريٽري جارجيا جي انصاف واري نائب وزير ۽ اقتصاديات ۽ پائيدار ترقي واري نائب وزير سان پڻ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي سيڪريٽري جارجيائي ڪمپنين جي نمائندن سان گڏ هڪ انٽرايڪٽو تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئ?? جتي هن پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ تعاون جي امڪانن کي کولڻ جي لاءِ سخت ڪاروبار بابت نيٽ ورڪنگ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿيو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria