اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي نوڪرين جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت آهي تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوڪرين جي ڪوٽا لاڳو ٿيڻ سان خصوصي ماڻهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ملڪ جي اٽڪل 12 کان 14 سيڪڙو آبادي خصوصي ماڻهن تي ٻڌل آهي، خصوصي ماڻهن جي هنرمندي، انهن جي لاءِ مختلف شعبن ۾ نوڪرين جي موقعن جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ ڀلائي جي حوال?? سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير سميت صوبائي ۽ وفاقي وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صوبائي حڪومتن جي نمائندن اجلاس کي خصوصي ماڻهن جي تعليم ۽ استادن جي تربيت جي حوال?? سان قدمن بابت آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ نصاب جي تياري، تربيت، نوڪرين جي ڪوٽا ۽ مختلف شعبن ۾ نوڪرين جي فراهمي جي حوال?? سان قدمن بابت پڻ ٻڌاي?? ويو. صدر ڊاڪٽر عارف کي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌاي?? ويو ته نيوٽيڪ اٽڪل 1700 خصوصي ماڻهن کي مختلف مهارتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ پروگرام شروع ڪيو آهي، نيوٽيڪ تربيت ماڻيندڙ خصوصي ماڻهن کي مفت ٽرانسپورٽ ۽ رهائش جي سهولت فراهم ڪندو، وفاقي تعليم ۽ پيشيوا??اڻ?? تربيت واري وزارت استادن جي لاءِ تربيتي ماڊيول تيار ڪيا آهن. ٻڌاي?? ويو ته تربيت سان خصوصي شاگردن طرف استادن ۾ حساسيت پيدا ڪري سگهبي، تربيت يافته استاد خصوصي ٻارن جي خصوصي تعليمي ضرورتن کي پورو ڪري سگهندا، وفاقي تعليم واري وزارت 1000 استادن کي تربيت فراهم ڪندي. صوبن جي نمائندن صوبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ رجسٽريشن مرڪزن جي ڪل انگ بابت ٻڌاي?? ويو. اجلاس ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ مخصوص ڪوٽا لاڳو ڪرڻ بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. صدر نجي شعبي تي خصوصي ماڻهن کي انهن جي مهارت موجب معيشت جي مختلف شعبن ۾ نوڪريون ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته صوبن سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ خصوصي ماڻهن جي نوڪرين جي حوال?? سان قانون ٺاهيا آهن، ڪاروباري برادري کي خصوصي ماڻهن جي حقن بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي، ڪنهن خصوصي شاگرد کي ملڪ جي ڪنهن به اسڪول ۾ داخلا کان انڪار نه ڪرڻ گهرجي، خصوصي ٻارن جي تعليم جي لاءِ اسڪولن ۾ تربيت يافته استادن جو مناسب انگ هجڻ گهرجي. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي حڪومتون خصوصي ماڻهن جي حوال?? سان پنهنجي بهترين تجربن کي هڪ ٻئ?? سان شيئر ڪن. صدر انساني حقن، وفاقي تعيلم ۽ پيشيوا??اڻ?? تربيت واري وزارت ۽ صوبائي کاتن پاران استادن ۽ ماسٽر ٽرينرز کي تربيت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ک?? ساراهيو.
سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي نوڪرين جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا