اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽاف جي سهولت لاءِ بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي جنهن تحت اسلام آباد جي س??ڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ ٻارن کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ جي لاءِ تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي لازمي قرار ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اسلام آباد جا سمورا نجي اسڪول پنهنجي اڱڻ ۾ ضرورت موجب ٻارن کي ميڊيڪل امداد جي فراهمي لاءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي يقيني بڻائيندا. وفاقي حڪومت سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ ضرورت موجب ٻارن کي ميڊيڪل امداد جي فراهمي لاءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي يقيني بڻائيندي. خلاف ورزي جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک تائين ڏنڊ ۽ بعد ۾ 6 مه??نن تائين قيد جي س??ا ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil