اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماڻهن کي آسان، سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي جي لاءِ وفاقي محتسبن جي ??ردار کي ساراهيندي چيو آهي ته تڪرارن جي متبادل حل سان عدالتي نظام تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، محتسب جي ??ردار جي اهميت جي ??س ۾ ان بابت ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان مان فائدو کڻي سگهن. هن چيو ته وفاقي انشورنس محتسب آسان ۽ فوري انصاف ح??صل ڪرڻ جي لاءِ عام ماڻ??ن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪم ڪري رهيو آهي. ايوان صدر ۾ ”انشورنس محتسب ۽ در تي تيز رفتار انصاف جو تصور“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پنج محتسب بشمول وفاقي محتسب، وفاقي انشورنس محتسب، وفاقي بئنڪنگ محتسب، وفاقي ٽيڪس محتسب ۽ هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي آفيس جي ماتحت ڪم ڪري رهيا آهن. ”انشورنس محتسب ۽ در تي تيز رفتار انصاف جو تصور“ سيمينارز جي سيريز جو هڪ حصو آهي جن??ن ۾ انشورنس جي شعبي سان گڏوگڏ ڪاروباري برادري جي اعليٰ شخصيتن کي پڻ گهرايو ويو ته جيئن انشورنس جي ??اروبار ۾ بهتري ۽ شفافيت جي لاءِ قيمتي راءِ ۽ ويزن پيش ڪن. صدر عارف علوي چيو ته انهن جي ذاتي ڪوششن جي ??ري ماڻ??ن ۾ محتسب جي ??ردار بابت آگاهي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي پر پوءِ به هن ان بابت وڌ کان وڌ ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن محتسب جي ??ردار ۽ ذميوارين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ??ردار تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته محتسب جي سٺي فيصلن کي قومي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي عام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته لاعلمي ڪو به??نو نه آهي ان جي لاءِ عوام کي متبادل ذريعن سان انصاف ح??صل ڪرڻ جي مختلف طريقن بابت ڄاڻڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ڪيترن ئي معاملن ۾ ڪم جي وڌيڪ بار ۽ نظام جي ٻين ڪمزورين جي ??ري عدالتن ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين فيصلا التوا هيٺ رهن ٿا، ان جي لاءِ هن ماڻهن کي ان محتسب سان رجوع ڪرڻ جي اپيل ڪئي جيڪو آسان، وڌيڪ تيز ۽ سستي انصاف جي فراهمي جو ذريعو آهي. هن چيو ته تڪرارن جو متبادل ??ل عدالتي نظام تي بار گهٽ ڪرڻ جو طريقو آهي. هن انشورنس ڪمپنين جي مالڪن کي به اهو چيو ته اهي عوام جي لاءِ بهتر پروڊڪٽس پيش ڪن ته جيئن ماڻهن جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي ۽ ماڻ??ن ۾ انشورنس ڪمپنين بابت شڪ کي ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته عام ماڻ??ن ۾ انشورنس بابت اعتماد کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر خالد جميل چيو ته ايف آئي او جي آفيس فوري انصاف جي فراهمي جي تصور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان انشورنس محتسب جي پهچ کي هيٺئين سطح تائين وڌائڻ جي ??وشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان شڪايت ڪندڙن کي انهن جي مسئلن کي خوش اسلوبي سان ۽ گڏيل حل جي ذريعي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته گذريل سال دوران وفاقي انشورنس محتسب شڪايت ڪندڙن جا مسئلا حل ڪيا ۽ 2.57 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو.
ماڻهن کي آسان، سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسبن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔