اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان محفوظ رهڻ جي لاءِ موثر قدم لازمي آهن، گئسن جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هج?? جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کان متاثر ٿيو آهي، موسمياتي تبديلي جي مسئل?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي قومي جذبي سان ڪم ڪرڻو پو??دو. هن اهڙن خيالن جو اظهار وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چي?? ته اسلامي تعليم سان اسا?? کي حقوق العباد، حقوق الله ۽ نباتات جي حقن جو درس ملي ٿو، انهن نعمتن جي قدر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ان طرف ڌيان ڏيڻو پو??دو، آلودگي ۽ ماحول کي متاثر ڪندڙ ٻين عملن سان منفي اثر پيدا ٿين ٿا جنهن جو نتيجو ڪڏهن اسان ٻوڏ، ڪڏهن زلزلي يا ڪڏهن ٻين قدرتي آفتن جي صورت ۾ ڏسون ٿا. وزيراعظم چي?? ته گئسن جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هج?? جي باوجود گذريل سال ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو، اسا?? کي موسمياتي تبديلي جي مسئلن ۽ منفي اثر?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي جذبي تحت ڪم ڪرڻو پو??دو ۽ سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ ٻين ڌري?? کي موسمياتي تبديلي جي مسئلي جي حل کي پنهنجي ترجيح بڻائڻو پو??دو، سرڪاري ادارن ۽ ٻين رياستي ادار?? کي به ان سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي اسان ته ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين پر جيستائين وسيلن جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ٻين قدمن جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان محفوظ رهڻ جي لاءِ موثر قدم لازمي آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا