اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ معاشري کي عدم برداشت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ بوهره ڪميونٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شهزاده حسين برهان الدين جي سربراهي ۾ بوهره ڪميونٽي جي وفد سا?? ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حسين برهان الدين نگران وزيراعظم کي پنهنجي والد ۽ بوهره ڪميونٽي جي روحاني پيشوا سيدنا ڊاڪٽر مفضل سيف الدين پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم معاشري کي عدم برداشت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم سماجي فلاحي، تعليمي، معاشي ۽ ٻين شعبن ۾ بوهره ڪميونٽي جي خدمتن کي ساراهيو. وفد نگران وزيراعظم کي ڪراچي ۾ بوهره ڪميونٽي جي تعمير هيٺ اسپت??ل بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ بوهره ڪميونٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وفد نگران وزيراعظم کي بوهره ڪميونٽي جي مختلف جاري ڪمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ڪراچي ۾ تعمير هيٺ دل جي مرض جي علاج لاءِ اسپتال سرفهرست آهي. نگران وزيراعظم ملاقات ۾ لاڳاپيل عملدارن کي بوهره ڪميونٽي سا?? تعاون ۽ ان کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.
مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی