اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي قومي بچت ک?? فراڊ سان متاثر ٿيل عورت ک?? 12 لک رپيا منافعي سان گڏ وا??س ڪرڻ جي هدايت ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب راولپنڊي جي عورت شهري جي اڪائونٽ مان جعلي چيڪ بُڪ ذريعي 12 لک رپيا ڪڍرايا ويا هئا. صد?? پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ معاملي جي مناسب جاچ جي لاءِ ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪلي ۽ انڪوائري کانپوءِ فراڊ جي معاملي ۾ ملوث اهلڪارن کي سزا ڏني وڃي. تفصيل موجب عابده رفعت (شڪايت ڪندڙ) وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي ته سندس قومي بچت راولپنڊي ۾ پينشنز بينيفيٽ اڪائونٽ هو، عورت ک?? 2021ع ۾ خبر پئي ته 2019ع ۾ سندس اڪائونٽ مان 12 لک رپيا فراڊ ذريعي ڪڍيا ويا. رقم هڪ چيڪ بُڪ ذريعي ڪڍي وئي، جيڪو عورت ک?? ڪڏهن جاري نه ڪيو ويو هو. عورت فراڊ جي ڇنڊڇاڻ ۽ رقم جي وص??لي جي لاءِ قومي بچت ک?? شڪايت داخل ڪرائي، معاملي جي صحيح ڇنڊڇاڻ نه ڪئي وئي ۽ عورت ک?? چيو ويو ته اها ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهي. عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن قومي بچت ک?? معاملو ايف آءِ اي کي موڪلڻ جو چيو. قومي بچت معاملو ايف آءِ اي ڏانهن موڪلڻ بدران صد?? کي اپيل داخل ڪري ڇڏي. صد?? وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صد?? وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي عورت ک?? رقم وا??س ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي. صد?? چيو ته قومي بچت پنهنجي ئي خط ۾ اعتراف ڪيو ته جعلي ٽرانزيڪشن جي ذريعي اڪائونٽ مان 12 لک ڪڍرايا ويا، قومي بچت جي اندروني انڪوائري دوران آفيسر بيان ڏنو ته رقم کي گن مين ۽ ڪيشيئر جي ذريعي دوکيبازي سان ڪڍيو ويو. صد?? چيو ته قومي بچت ڄاڻايل اهلڪارن کي انڪوائري ۾ شامل ئي نه ڪيو، ثابت ٿئي ٿو ته قومي بچت جي انڪوائري جو عمل شفاف نه هو. صد?? چيو ته قومي بچت جو معاملو ايف آءِ اي کي ڏيڻ جي مخالفت ڪرڻ بنا جواز آهي، وفاقي محتسب صحيح نشاندهي ڪئي ته معاملي جي صحيح طريقي سان جاچ نه ڪئي وئي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي چيو ته قومي بچت 30 ڏينهن ۾ محتسب کي تعميل جي رپورٽ پيش ڪري.
صدر پاران قومي بچت کي متاثر عورت کي 12 لک رپيا منافعي سان گڏ واپس ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں