اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جو پيغام هر گهر تائين پهچائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان مرض جي جلد سُڃاڻپ سان موت جي شرح کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان پوليو جي بي??اري کي ڪاميابي سان منهن ڏنو آهي ۽ ان تجربي حڪومت کي بعد ۾ ڪوويڊ 19 کي ڪاميابي سان منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪئي، ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم تمام گهڻي موثر طريقي سان هلائي پئي وڃي. هو بريسٽ ڪينسر بابت آگاه?? پروگرام کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صحت جي ٻين اهم مسئلن بشمول دماغي صحت، اسٽنٽنگ ۽ عو??تن جي صحت بابت آگاهي پڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم سان گڏ وڌائڻ گهرجي ڇو ته هڪ صحتمند قوم جي لاءِ عو??تن کي صحتمند رکڻ تمام ضروري آهي. ملڪ ۾ خانداني نظام تي روشني وجهندي صدر چيو ته عو??ت هڪ خاندان جي اهم ميمبر آهي جنهن کي صحتمند، مالي طور تي بااختيار ۽ معاشري ۾ ڪنهن به قسم جي هراسمينٽ کان محفوظ رکڻ گهرجي. هن چيو ته عو??تن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ملڪ جي مجموعي اقتصادي ت??قي سان واڳيل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪل آبادي جو 24 سيڪڙو دماغي مرضن ۾ مبتلا آهي جنهن جو سبب بي??اريون ۽ مالي مسئلا شامل آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊگهي مدي واري حمل روڪ مصنوعات تائين ماڻهن جي پهچ وڌائي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ جھي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ڇو ته اهو صحت ۽ معيشت ٻنهي لحاظ کان ملڪ جي ت??قي جي لاءِ اهم آهي. چين جو مثال ڏيندي صدر چيو ته ملڪ جي تيز رفتار ترقي صحت ۽ تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ سان ٿي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جي کوٽ جي ڪري بعد جي مرحلي ۾ دائمي بي??اري کان بچڻ جي لاءِ روڪٿام تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. خاتون اول بيگم ثمينه علوي عو??تن تي زور ڏنو ته اهي بي??اري جي وقت سر سُڃاڻپ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڻ پتو لڳائڻ جا طريقا سکن، عو??تن کي موت جي شرح کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڻ معائنو ڪرڻ جي عادت وجهڻ گهرجي. مهم جي ڪاميابي ۾ ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيندي خاتون اول چيو ته ميڊيا کي ان مرض بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته مون ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم 5 سال اڳ شروع ڪئي هئي ۽ هاڻي جنهن موضوع تي ڳالهه ڪرڻ تڪليف ۽ منع سمجهيو ويندو هو، هاڻي هر سطح تي ان تي بحث ٿي رهيو آهي. ان بي??اري بابت آگاهي وڌائڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي هن اميد ظاهر ڪئي ته اها مهم سڄي ملڪ ۾ هر گهر تائين پيغام کي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندي. هن ٻڌايو ته هر سال اٽڪل 44000 عو??تون ڇاتي جي ڪينسر جي ڪري موت جي منهن ۾ هليون وڃن ٿيون، جلد سُڃاڻپ سان موت کان بچي سگهجي ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ شروعاتي سُڃاڻپ جو تناسب 98 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ اڪثر ڪيسز ٽئين ۽ چوٿين مرحلي تي رپورٽ ٿيا جتي موت جا امڪان تمام وڌيڪ هئا. جڏهن ته هن آگاهي مهم جي ڪري پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ رپورٽ ٿيندڙ ڪيسز جي وڌندڙ انگ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مريضن ۾ موت جي شرح 48 سيڪڙو آهي جيڪا خطرناڪ حد تائين وڌيڪ آهي. هن ماڻهن کي چيو ته اهي ان بي??اري تي ڳالهه ڪندي ڪا هٻڪ محسوس نه ڪن. بيگم ثمينه علوي چيو ته ان بي??اري بابت منع ۽ خرافات هاڻي ختم ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهو هاڻي هر فورم تي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مرض بابت آزاداڻي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو ته حڪومت کي ملڪ ۾ صحت جي بجيٽ کي جي ڊي پي جي 4 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي جيڪو هن وقت جي ڊي پي جو رڳو هڪ سيڪڙو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي پاڪستان جي ڪنٽري ڊاڪٽر پاليٿا گوناراٿنا مهيپا تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول بيگم ثمينه علوي کي ساراهيو.
سڄي ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مرض جي جلد سُڃاڻپ سان موت جي شرح کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino