اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جا 5 آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي سڌوسنئون خلاف ورزي آهن، آبادياتي تبديلي آڻڻ ۽ تڪرا??ي علائقي تي ڀارتي قبضي کي برقرار رکڻ جي ڪوششن جو مقصد ڪشمي??ي عوام کي پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪرڻ جي جمهوري حق کي نقصان پهچائڻ آهي، اڄ جي ڏينهن آئون ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد ۾ انهن جي مثالي جرئت کي خراج تحسين پيش ڪر??ان ٿو، ڪشمي??ي عوام ڀارتي فوج جي زيادتين کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي انهن جون اهي قربانيون رائيگان نه وينديون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 27 آڪٽوبر 2023ع تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشمي??ي عوام جي لاءِ ڪاري ترين ڏينهن مان هڪ آهي. ڄمون ۽ ڪشمير تي ان ڏينهن کان شروع ٿيندڙ ڀارتي قبضي پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جي ڪشميرين جي جائز خواهشن جو گلو دٻايو. هن چيو ته گذريل 76 سالن دوران ڀارت نه رڳو ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام طرف پنهنجي ذميوارين کان انحراف ڪيو پر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪري گهڻ رخي کي به نظرانداز ڪيو. غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن ان ڊگهي عرصي دوران تمام گهڻو ظلم ۽ ڏاڍ برداشت ڪئي آهي. جڏهن ته ڀارت ڪشميرين جي بنيادي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي عزم کي ڪچلڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اڄ ڪشمي??ي عوام کي مختلف پابنديون درپيش آهن. ڪشميرين جي قيادت کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ?? انهن جو آواز دٻايو پيو وڃي. جڏهن ته انس??ني حقن جون مسلسل خلاف ورزيون ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. عالمي برادري ۽ ميڊيا کي معصوم ڪشميرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ گهرجي ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڏاڍ ?? انس??ني حقن جي خلاف ورزين تي ڀارت جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي موقعن تي ان ڳالهه تي زور ڏيندو آيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو دارومدار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل تي آهي. ڀارت کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته هو طاقت جي استعمال سان ڪشميرين جي آزادي جدوجهد کي نٿو دٻائي سگهي. هن چيو ته پاڪستان 1947ع ۾ ڀارتي قبضي جي شروعات کان ئي مظلوم ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي مستقل حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشمي??ي عوام جي امنگن موجب تڪرار جي حتمي حل تائين پنهنجي حمايت جاري رکندو.
ڪشميري عوام ڀارتي فوج جي زيادتين کي منهن ڏئي رهي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔