اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) ا??لا??ات، نشريات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چونڊ عمل ۾ عورتن جي فعال ڪردار کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ مقدس فرض آهي، صنفي امتياز جي خاتمي جي شروعات هر گهر کان ٿيڻ گهرج??، رڳو قانون ٺهڻ سا?? صنفي امتياز جو خاتمو ممڪن نه آهي، عورتن کي برابر حق ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سائوٿ ايشيا پا??ٽنرشپ پاڪستان ۽ عورت فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ سياست ۾ عورتن جي شموليت جي عنوان سا?? ٿيندڙ پاليسي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. ا??لا??ات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو اڌ حصو آهن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ اسان جو مقدس فرض آهي. هن چيو ته مسلمان دنيا ۾ پهرين عورت وزيراعظم پاڪستان مان ٿي. هن چيو ته هر گهر ۾ پٽن ۽ ڌيئرن کي برابر حق ملڻ گهرجن. رڳو قانون ٺهڻ سا?? صنفي امتياز جو خاتمو ممڪن نه آهي. هن چيو ته عورتون برابر جون شهري آهن انهن جا حق مردن جي برابر آهن. هڪ ماءُ کي بهادري سا?? پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته اها پنهنجي ڌيءَ کي به ڪنهن به طور تي اهو تاث?? نه ڏي ته هو پنهنجي ڀاءُ کان ڪنهن به طرح گهٽ آهي. چونڊ عمل ۾ عورتن جي شموليت کي لازمي قرار ڏيندي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن 16 ڊسمبر کان اڳ ڪنهن به اليڪشن شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيندي. چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، ان ۾ ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون حڪومت کي پنهنجون تجويزون ڏين. عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي حقن لاءِ جيڪو به ممڪن هوندو حڪومت قدم کڻندي.
چونڊ عمل ۾ عورتن جو فعال ڪردار لازمي آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ مقدس فرض آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا