اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي صدر امام ع??ي رحمان جي دعوت تي 2 کان 3 جولاءِ تائين دوشنب?? تاجڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? دوشنبي ۾ صدر امام ع??ي رحمان، مجلس نمائندگان جي چيئرمين محمد طائر زيور ذ??ڪر زاده ۽ وزيراعظم قاهر رسول زاده سان ملاقات ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو دورو پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ج?? تاجڪستان جي دوري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي شعبن تي وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون ته جيئن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي علائقائي رابطن، واپار، عوام سان عوام جي رابطن ۽ توانائي سان گڏوگڏ گهڻ رخي معاملن تي تعاون کي سگهه ڏئي سگهجي. وزيراعظم ج?? تاجڪستان جي دوري جي موقعي تي ڌريون تعاون جي مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪنديون.
وزيراعظم 2 کان 3 جولاءِ تائين تاجڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت