اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدمن ۽ دهشتگردن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي گهرو وز??ر سيد محسن رضا نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وز??ر سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وز??ر ۽ بلوچستان جي وڏي وز??ر وز??راعظم کي بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وز??راعظم چيو ته بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ دهشتگرد حملا بزدلاڻيون ڪارروايون هيون جن جو ڪو جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري دهشتگردن جي ارادن کي ناڪام بڻايو. وز??راعظم بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن دهشتگردن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪئي.
وزيراعظم سان وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي ملاقات، بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ، وزيراعظم پاران دهشتگردن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل