اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سوئيڊن ۽ بيلجيئم سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون ک?? وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ان اميد ??و اظهار ڪيو آهي ته ٻئي ملڪ پاڪستان سان گڏيل تعاون وڌيڪ بهتر بڻائيندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي سوئيڊن ۽ بيلجيئم جي سفيرن ايوان صدر ۾ سفارتي سندون پيش ڪيون. سوئيڊن ۽ بيلجيئم جي نامزد سفيرن ان موقعي تي ص??ر سان جدا جدا ملاقات ڪئي. سفيرن سان ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته اميد آهي ته نامزد سفير پاڪستان سان گڏيل لاڀائتو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائيندا. صدر چيو ته بيلجيئم پاڪستان جو هڪ اهم واپاري حصيدار آهي، پاڪستان بيلجيئم سان ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون ک?? وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا آهن. ص??ر سوئيڊن سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان کان اڳ نامزد سفيرن ک?? ايوان صدر پهچڻ تي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آن?? پيش ڪيو.
سوئيڊن ۽ بيلجيئم سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا