اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان- قازقستان وچ ۾ پارليام??ني رابطن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پاڪستان، قازقستان س??ن پنهن??ي دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزن ڪذافستان س??ن ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان قازقستان وچ ۾ گڏيل لاڳاپا مذهب، تاريخ ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي ٻَڌل آهن. اسپيڪر چيو ته پارليام??ني رابطا ۾ واڌ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. قومي اسيمبليءَ ۾ قائم پاڪ- قازقستان پارليام??ني فرينڊشپ گروپ ٻه طرفن پارليام??ني رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان قازقستان سميت وچ ايشيائي رياستن س??ن اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان وچ ايشيائي رياستن کي گرم پاڻي تائين پهچ ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. وچ ايشيائي رياستن کي گرم پاڻي تائين پهچ لاءِ گوادر ويجهي بندرگاهه آهي. اسپيڪر اسلام آباد ۾ منعقد ايس سي او ڪانفرنس ۾ قازقستان جي وزيراعظم جي شر??ت کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي دؤرن س??ن ٻه طرفه لاڳاپا وڌيڪ مستح??م ٿيا آهن. ان موقعي تي قازقستان جي سفير چيو ته قازقستان پاڪستان س??ن پنهنجن ويجهن دوستاڻن ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پارليام??ني رابطن ۾ واڌ سان ٻه طرفه لاڳاپا وڌيڪ مستح??م ٿيندا. سفير ايس سي او ڪانفرنس جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي اسپيڪر کي مبارڪون ڏنيون ۽ـ چيو ته ايس سي او ڪانفرنس جي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي تي ڏور رس نتيجن مرتب ٿيندا. قازقستان جي سفير اسپيڪر کي پارليام??ني وفد سان گڏ قازقستان ??ي دؤري ??ي دعوت به ڏني.
پاڪ- قازقستان پارلياماني رابطا ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : apostas quina