باڪو – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ عالمي ماحولياتي بحرانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ثقافت تي ٻڌل ماحولياتي قدمن تي زور ڏيندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي اڄ جي دور جو سڀ کان وڏو چئلينج آه?? جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ لازمي آهي. اها ڳ??له?? هن ڪوپ 29 ڪانفرنس جي موقعي تي ثقافتي ورثي ۽ موسمياتي تبديلي تي اعليٰ سطحي وزارتي ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير آذربائيجان، گڏيل عرب امارات ۽ برازيل پاران ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان ۾ واديءَ سنڌ جي تهذيب موجود آه?? جنهن کي طاقتو?? سنڌو درياءَ جي ڪنارن ۽ معاون ندين گهيري رکيو آهي، پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڏو درياءَ رکندڙ ملڪن مان هڪ آهي. هن چي?? ته هتي يونيسڪو جو ثقافتي ورثو موهن جو دڙو 2500 قبل مسيح جو آهي. پاڪستان دنيا جي 13 بلند چوٽين مان چار جو مالڪ آه?? جن ۾ ڪي ٽو به شامل آهي جيڪا دنيا جي ٻي بلند ترين چوٽي آهي جيڪا گلگت بلتستان ۾ موجود آهي، هتي هڪ وڏي آبادي رهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اڄ جڏهن اسان هتي ان ڳ??له?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته اسان پنهنجي انهن ثقافتي ورثن کي ڪيئن محفوظ بڻائي سگهون ٿا ۽ پنهنجي ذهانت ۽ تخليقي صلاحيتن کي پنهنجي وقت جي سڀ کان وڏي چئلينجن مان هڪ موسمياتي تبديلي جي عالمي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح استعمال ڪري سگهون ٿا. هن چي?? ته سڄي دنيا جا ملڪ موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو رڳو 0.5 سيڪڙو آهي پر جڏهن نقصان جي ڳ??له?? اچي ٿي ته اسان ان چئلينج کي منهن ڏيندڙ دنيا جي سرفهرست 10 ملڪن ۾ شامل آهيون، شديد ٻوڏ، وڌندڙ گرمي پد ۽ اسان جي ثقافت ۽ قومي ورثي جي لاءِ وڏو خطرو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته 2022ع ۾ اسان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، مقامي ماڻهن سميت هزارين ماڻهو بي گهر ٿيا، جڏهن اسان نقصان جو حساب لڳايون ٿا ته اسان کي 30 ارب ڊالر جو نقصان، ٿيو، اسان کي نه رڳو زندگين ۽ روزگار جي ذريعن پر ثقافتي ورثي کي وڃائڻ جو پڻ خطرو آهي. اسان کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي جديد ترين ۽ جامع خيالن کي سامهون آڻڻ جي لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. وفاقي وزير چي?? ته اسان جون ڪوششون هر وقت ۽ جامع هجڻ گهرجن. اسان کي ان ڳ??له?? کي يقيني بڻائڻو پوند?? ته موسمياتي تبديلين کان بچڻ جي لاءِ قدم اسان جي پاليسين ۾ شامل هجن، پاڪستان ان موقف تي قائم آهي. وفاقي وزير چي?? ته ثقافت جي اصل طاقت ان جي زندگين کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت ۾ آهي ۽ ماڻهن کي پنهنجي حدن کان اڳتي وڌڻ جي قابل بڻائي ٿي. ثقافت رڳو ماضي جي وراثت نه آهي پر اها هڪ زندگي، ساهه کڻندڙ قوت آهي جيڪا اسان جي حال کي جوڙي ٿي ۽ اسان کي هڪ بهتر مستقبل بڻائڻ جي لاءِ بااختيار بڻائي ٿي. هن چي?? ته ثقافت جي ذريعي اسان لچڪ، جدت ۽ يڪجهتي ماڻيون ٿا ۽ انهن ئي خصوصيتن جي ذريعي اسان کي موسمياتي تبديلي جي بحران جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. عطاءُ الله تارڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي چي?? ته اچو گڏجي هڪ اهڙي دنيا جي تعمير ڪريون جتي ثقافت، زندگين کي تبديل ڪرڻ، برادرين کي بلند مقام ڏيارڻ ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ حل جي ترغيب ڏني وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي تقرير جي پڄاڻي حديث مبارڪه سان ڪئي ته اسان جي پياري نبي رسول ﷺ جو ارشاد آهي ته جيڪڏهن قيامت قائم ٿي ره?? هجي ۽ توهان مان ڪنهن جي هٿ ۾ وڻ هجي ۽ اهو ان ڳ??له?? تي قادر هجي ته قيامت قائم ٿيڻ کان اڳ هو ان کي لڳائي وٺند?? ته ضرور لڳائي.
عالمي ماحولياتي بحرانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ثقافت تي ٻڌل ماحولياتي قدم کنيا وڃن، تي موسمياتي تبديلي اڄ جي دور جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی