اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ??اڻ تائين ڪارڪردگي جو جائزو، جاري ۽ مستقبل جي رٿائن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ معاشي، ڪاروباري سرگرمين ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ اين ايڇ اي جي ڪردار تي ب??ث ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان ۾ ڪاروباري ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ روڊ نيٽ ورڪ ڪرنگهي جي ??ڏي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪست??ن جو موجوده روڊ نيٽ ورڪ سيڙپڪاريءَ لاءِ اهم علائقن وچ ۾ رابطن جي سهولت فراهم ڪري ٿو، روڊ نيٽ ورڪ جي ??ڌيڪ بهتري سان معاشي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي ??ي. روڊ نيٽ ورڪ ۾ بهتريءَ سان پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ٿيندي. وفاقي وزير ??يو ته شاهراهن جي تعمير جا نوان منصوبا نجي سيڙپڪاريءَ لاءِ انتهائي پُرڪشش آهن. وفاقي وزير ??يو ته حيدرآباد کان سکر موٽر وي ايم-6 ۽ ڪراچيءَ کان حيدرآباد ايم-9 کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ??ري سگهجي ??و، ملڪ جي ??ٿانهين وارن علائقن ۾ شاهراهن جا منصوبا به نجي سيڙپڪاريءَ لاءِ پُرڪشش آهن. وفاقي وزير ??يو ته مانسهره کان ڪاغان، ناران روڊ کي موٽر وي جي طرز تي بڻايو ويندو، اين ايڇ اي پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪري ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اين ايڇ اي جي روينيو ۾ واڌ سان ملڪي ناڻي تي بار گهٽ ٿيندو. هن چيو ته اين ايڇ اي ٻين ملڪن ۾ تعميراتي سرگرمين ۾ حصو وٺي پنهنجي روينيو ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي، ٻين ملڪن ۾ تعميراتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ اين ايڇ اي قانوني طريقو ڳولي.
وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي جو اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر