اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان شام جي خلاف اسرائيلي جارحيت ۽ شامي سرزمين تي ا?? جي غيرقانوني قبضي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي اهو حملو عالمي قانو?? جي سنگين خلاف ??رزي آهي. ترجمان چيو ته اسرائيل جا اشتعال انگيز قدم اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ اهڪ خطرناڪ اڳڀرائي آهي. بيان موجب اسرائيل عالمي قانون?? جي کليل خلاف ??رزين ۽ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد?? جي خلاف ??رزي جاري رکي آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪري ٿو ۽ اسرائيل پاران طاقت جي ذريعي علائقي کي حاصل ڪرڻ ک?? رد ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 497 جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا جيڪو گولا?? جي جبلن تي اسرائيل جي جبري قبضي کي غيرقانوني ۽ عالمي قانون کان مٿانهون قرار ڏي ٿو. بيان ۾ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل سميت عالمي برادري تي زور ڏنو ويو آهي ته اها اسرائيلي ڇوٽ، ا?? جي عالمي قانون?? جي بار بار خلاف ??رزين ۽ خطي جي ملڪ?? جي خلاف جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻي. پاڪستان ان ڳالهه جو به ورجاءُ ڪيو ته والاريل فلسطين ۽ شام جي گولان سميت ٻين والاريل علائقن مان اسرائيل جي مڪمل انخلا کانسواءِ وچ اوڀر ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي.
پاڪستان پاران شام جي خلاف اسرائيلي جارحيت ۽ شامي سرزمين تي غيرقانوني قبضي جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria