رياض-18 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته مديني جي زيارت ۽ عمري لاءِ هوائي اڏن،بندرگاهن ۽ سرحدي چوڪين جي رستي عماني زائرين کي سڄي سال ل??ءِ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي سهولت ڏني وئي آه??، ميڊيا رپورٽن موجب حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته زائرين نسڪ ايپ ذريعي عمر?? ۽ ??ياض الجنه جو پرمٽ ح??صل ڪري سگهن ٿا. سعودي وزارت عماني زائرين کي نسڪ ايپ ذريعي ويزا جاري ڪرڻ ۽ ويزا ۾ هڪ سال تائين جي توسيع جي سهولت ڏني آهي، عماني زائرين هڪ سال دوران گڏيل طور تي 90 ڏينهن لاءِ هڪ ويزا تي هڪ ڀيرو اچي سگهندا.وزارت جو چوڻ آهي ته عماني شهري هر قسم جي ويزا تي نسڪ ايپ ذريعي عمره پرمٽ جاري ڪرائي سگهندا.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا