تهران- 29 جنوري (اي پي پي) ايران ??ڪ ڏينهن ۾ هڪ ئي وقت 03 مصنوعي سياره خلا ۾ اماڻي ڇڏيا آهن. العربيه نيوز ايران جي سرڪاري ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته 03 سياره ايران جي دفاع و??ري وزارت جي تيار ڪيل سي ??رگ نالي سيٽلائيٽ ڪيريئر ريڪيٽ ذريعي خلا ۾ اماڻيا آهن. انهن ٽنهي سيارن مان هڪ جو وزن 32 ڪلوگرام آهي جڏهن ته باقي ٻن سيارن جو وزن 10-10 ڪلو کان گهٽ ٻڌايو پيو وڃي. انهن سيارن مان هر هڪ کي 450 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تائين اماڻيو ويو آهي جڏهن ته انهن سان لڳايل 02 ننڍڙيون ڊوائيسز جيو پوزيشننگ ۽ مواصلاتي رسائي جو ڪم ڪنديون. ايران انهن سيارن مان سڀ کان وڏي سياري جو نالو مهدا ڏنو آهي. جيڪو خلا ۾ وڏي مقدار ۾ ڪارگو کڻي وڃڻ لاءِ سي ??رگ راڪيٽ جي اهليت جو جائزو وٺڻ ۾ مدد ڪندو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا