ويٽي ڪن – 01 اپريل (اي پي پي) ڪيٿولڪ چرچ جي سربراهه ۽ عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ سمورن يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. جرمن نشرياتي اد??ري مطابق هن ايسٽر سنڊي جي خطاب دورا?? جنگين سبب پيدا ٿيل مشڪلاتن تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر غزه جنگ ۾ ٿيل جاني نقصان ۽ تباهي تي افسوس جو اظهار ڪندي جنگبندي جي پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪئي. هن چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪري ٿو ته غزه ۾ انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. يرغمالين جي فوري آزادي ۽ غزه ۾ فوري جنگبندي جي اپيل ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان ??ار?? جي اکين ۾ وڌيڪ ڪيتريون تڪليفون ڏسنداسين، انه?? جنگي علائقن ۾ ٻار ??سڪ??ائڻ وسري ويا آهن. انهن اکين سان ٻار اسان کان پڇن ٿا، ڇو؟ اهي سڀ شهادتون ڇو؟ اها سڀ تباهي ڇو؟ جنگ هميشا کان هڪ بي معني شي ۽ ان ۾ شڪست هوندي آهي.
پوپ فرانسس جو غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : بونانزا