بيروت-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آ??ي ته اسرائيل جا لبنان تي حم??ا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھن، انهن حم??ن ۽ بمباري سبب آبادين کي نشاڻو بڻايو پيو وڃي. پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي پناھگرين واري شعبي جي سربراه فليپو گرينڊي بيروت ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ??يو ته اسرائيل طرفان لبنان تي حم??ن ۽ بم ڌماڪن سبب شهري آبادي ??ي نشاڻو بڻايو پيو وڃي، اھا سراسر عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھي، حم??ن جي نتيجي ۾ شھري شھيد ۽ علائقي جو انفراسٽرڪچر (بنيادي ??انچو) تباهه ٿي رھيو آھي. ھن چيو ته سموريون ڌريون غزه ۽ لبنان ۾ ان تباھي کي روڪين، هڪ اندازي مطابق لبنان ۾ اسرائيلي بمباري سبب ھيستائين 12 لک شھري لڏپلاڻ تي مجبور آھن. جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش غزه ۾ اسرائيلي جنگ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ امن جي اپيل جو ورجاءُ ڪيو آهي. پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ هن چيو آهي ته 7 آڪٽوبر غزه ۾ اسرائيل طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي جي خوفناڪ واقعن تي قدرتي طور تي ڌيان ڏيڻ جو ڏينهن آهي. هن سمورن متاثرن ۽ سندن پيارن سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي سربراهه لبنان ۾ اسرائيلي حم??ن ۽ بمباري تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن سبب هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 10 لک کان وڌيڪ پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته گذريل سال غزه ۾ اسرائيل جي خوفناڪ حم??ن کانپوءِ شروع ٿيل جنگ انساني زندگين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ عزه ۾ فلسطينين ۽ هاڻي لبنان جي ماڻهن کي شديد انساني ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. واضح رهي ته غزه ۾ اسرائيلي جارحيت دوران 41825 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻار شامل آهن. جنگ دوران 17 لک کان وڌيڪ ماڻهو مقامي طور تي بي گهر ٿي چڪا آهن.
لبنان تي اسرائيل جي بمباري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria