اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته هن جي آءِ ٽي کي هڪ هڪ پائيءَ جو حساب ڏئي ڇڏيو، پاناما ڪيس ۾ وزيراعظم نواز شريف جو نالو نه آهي، ا??سلان افتخار ڪيس کي نظر ۾ رکندي سپريم ڪورٽ کي گهرجي ته مريم نواز جي طلبيءَ تي نوٽيس وٺندي جي آءِ ٽي کي حڪم ڏئي ته کيس به سوال نامو اُماڻيو وڃي. اهڙو اظهار هن جي آءِ ٽي ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڪالهه رات کان ٽي وي ٽڪر هلي رهيا هئا ته مون کي 3 ڀيرا گهرايو ويو ۽ آءٌ مصروفيت جي ڪري نه اچي سگهيس، اه?? غلط آهي، مون کي جيڪو نوٽيس مليو اهو 28 جون جو هو ۽ منهنجي اسٽاف جڏهن مون کي اطلاع ڏنو ته ان تي 3 وڳي ??و وقت هو، آءٌ سپريم ڪورٽ جي حڪ?? تي آئين ۽ قانون تحت پيش ٿيس، جيستائين جيڪي سو??ل انهن پُڇيا آءٌ انهن جا جواب ڏئي چڪو آهيان ۽ جيڪي به معاملا آهن اهي شفاف آهن.
جي آءِ ٽي کي هڪ هڪ پائي جو حساب ڏئي ڇڏيو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ