اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي دوري کي نهايت اهم ۽ اميد وار قرار ڏيندي چيو آهي ته بدعنواني جي خاتمي، غربت جي گهٽتائي، بهتر حڪمراني، زراعت جي بهتري سميت مختلف شعبن ۾ چين جي تجربن م??ن سکڻ ۽ فائدو کڻڻ جو موقعو ملندو، دنيا ۾ چين جي ترقي جو ماڊل منفرد آهي، چين جهڙي ترقي لاءِ ڊگهي مدي وارن هدفن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز ۾ صنعتون لڳنديون، سيڙپڪاري ٿيندي، پاڪستان ۾ گهٽ ٿيندڙ روانگي واپار ک?? وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. هن اهڙن خيالن جو ??ظهار چين جي دوري تي روانگي کان اڳ چيني ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará