ڪراچي – 15 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جن جون ڄنگهون ڪمزور هجن اهي هونئن ئي لڏڻ شروع ڪ??ي ڇڏين ٿا، هر اهو شخص جنهن ۾ سنڌ جي عوام جو درد آهي ڀلي اهو ڪنهن به پارٽي سان تعلق رکندو هجي، اهو تبديلي چاهي ٿو، پيپلزپارٽي جا سنجيده ماڻهو به تبديلي چاهين ٿا، اسان سان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبرن رابطو ڪيو آهي ۽ اهي چئي رهيا آهن ته توهان تبديلي جي لاءِ اڳتي وڌو، تبديلي جو سفر ش??وع ٿيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پيپلزپارٽي پاڻ تبديلي آڻي، مراد علي شاهه استعيفيٰ ڏي، نئون وڏو وزير ??چي، اسان انهن کي اڳ ۾ موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڀلي توهان ڪجهه به نه ڪريو جن جون ڄنگهون ڪمزور هجن اهي هونئن ئي گهٻرائڻ شروع ڪ??ي ڇڏين ٿا.
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado