اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڀارت جي طاقت جو ه?? ٽٽندو ۽ ڪشمير جلد آزاد ٿين??و جنهن جي نتيجي ۾ خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ٿيندو ۽ ترقي جي رفتار تيز ٿي ويندي، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ٻنهي ملڪن جي لاءِ نقصانڪار آهي، اقتصادي راهداري سان بلوچست??ن کي سڀ کان وڌيڪ فائدو ٿيندو، سول آفيسر پنهنجو فرض بنا خوف ۽ خطري ۽ بنا ڪنهن دٻاءُ جي نڀائين. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي (??ين ايس پي پي) جي تربيت هيٺ 105 هين نيشنل مينيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ڪابينا سيڪريٽري سيد طاهر شهباز، ??ين ايس پي پي جو ريڪٽر محمد اسماعيل قريشي ۽ ٻيا عملدار به موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز