اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سان بر??انوي گهرو سيڪريٽري امبررڊ هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، وزيراعظم محمد نواز شريف بر??انوي گهرو سيڪريٽري جي آجيان ڪندي بر??انوي وزيراعظم ٿريسامي سان سيپٽمبر 2016ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ٿيندڙ پنهنجي تعميري ملاقات جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ بر??انيه جا لاڳاپا گڏيل تاريخ ۽ عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن جي بنياد تي ٻڌل آهن ۽ پاڪستان ۽ بر??انيه جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ تعاون جي سلسلي ۾ ويجهو سهڪار آهي، هن چيو ته گهري ادارا جاتي ٻه طرفي تعاون مان پاڪستان ۽ بر??انيه جي لاڳاپن جي مضبوطي جي عڪاسي ٿئي ٿي، هن چيو ته وڏي تعداد ۾ بر??انيه ۾ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان ۽ بر??انيه جي وچ ۾ لاڳا??ن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻا مددگار آهن، هن چيو ته اسان بر??انيا سان موجوده لاڳاپا خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.
وزيراعظم سان برطانوي گهرو سيڪريٽري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر