گڏيل قومون-14 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي سمورن رياستن تي زور ڀريو آهي ته هو حملي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪن. گڏيل قومن جي 15رڪني سلامتي ڪا??ونسل جي صدر جوز ڊي لاگا سڪا طرفان جاري پريس رليز موج?? سلامتي ڪا??ونسل جي ميمبرن متاثرن جي وارثن ۽ حڪومت پاڪستان سان گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته سلامتي ڪا??ونسل جي ميمبرن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي پنهنجي سمورين شڪلن ۾ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرن ما?? هڪ آهي، سلامتي ڪا??ونسل جي ميمبرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته دهشتگردي جي ان قابل مذمت ڪا??رواين جي مرتڪب ماڻهن، منتظيمن، ما??ي مدد ڪندڙن ۽ سرپرستي ڪندڙن کي جوابده بڻائڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت پاڪستان سان گڏ ٻين سمورن لاڳاپيل عملدارن سان فعال سهڪار ڪرڻ جي ضرروت آهي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا